
سيشن جو جائزو:هن سيشن ۾ اسين ڄاڻنداسين ته تصويرن جي بنياد تي ٿيندڙ بدسلوڪي ۾ ڪهڙا عمل شامل آهن، ڇو ان جي ذميواري ڪڏهن به متاثر شخص تي نه ٿي اچي، ۽ اهي اهم حقيقتون ڪهڙيون آهن جيڪي بحالي ۽ اڳتي وڌڻ جي سفر ۾ سهارو بڻجي سگهن ٿيون
سئیشنئے چمشانک
السلام عليڪم. مان ميزبان نمبر هڪ آهيان، ۽ مون سان گڏ منهنجي ساٿي ميزبان نمبر ٻه به موجود آهن. اسان کي خوشي آهي ته اڄ توهان اسان سان گڏ آهيو۔ هي سيشن چين پاران تيار ڪيو ويو آهي۔ چين هڪ خيراتي تنظيم آهي، جيڪا دنيا جي مختلف حصن ۾ جنسي بنيادن تي ٿيندڙ تشدد ۽ بدسلوڪي کان متاثر ماڻهن جي سهائتا ڪري ٿي۔ اسان پنهنجي ڪم جي شروعات 2013ع ۾ پاڪستان مان ڪئي هئي، پر اڄ اسان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ماڻهن تائين پهچي رهيا آهيون۔ اسان ڪافي عرصي کان ٽيڪنالاجي ذريعي ٿيندڙ بدسلوڪي بابت ڪم ڪري رهيا آهيون۔ گذريل هڪ سال کان وڌيڪ عرصي دوران، اسان پاڪستان ۾ رهندڙ عورتن، جنسي تنوع رکندڙ ماڻهن، ۽ انهن ماڻهن جي تجربن بابت تحقيق ڪئي آهي، جيڪي پاڪستاني پسمنظر سان تعلق رکن ٿا پر ٻاهرين ملڪن ۾ رهن ٿا يا اتي ئي وڏا ٿيا آهن۔ هن سيشن ۾ اسين هن گروهه کي "پرڏيهي پاڪستاني برادري" جي نالي سان سڏينداسين۔ جيتوڻيڪ هي تحقيق پاڪستان تي مرڪوز آهي، پر اسان ڄاڻون ٿا ته انهن مان ڪيترائي تجربا سڄي ڏکڻ ايشيا ۾ عام آهن۔ اسان جي ڏکڻ ايشيائي عملي ۽ برادري جي ميمبرن پڻ محسوس ڪيو ته هن تحقيق ۾ بيان ڪيل ڪيترائي تجربا سندن پنهنجي زندگين ۽ مشاهدن سان گهري مشابهت رکن ٿا۔
[ميزبان پنهنجو تعارف ڪرائين ٿا]
ميزبان 2: اسان کي خوشي آهي ته توهان هي سيشن ٻڌي رهيا آهيو۔ اسان ڄاڻون ٿا ته تصويرن جي بنياد تي ٿيندڙ بدسلوڪي بابت ڳالهائڻ ڪڏهن ڪڏهن ڏکيو ۽ تڪليف ڏيندڙ ٿي سگهي ٿو۔ پر شروعات ۾ ئي اسين توهان کي هڪ اهم ڳالهه ٻڌائڻ چاهيون ٿا: جيڪو ڪجهه توهان سان ٿيو، ان ۾ توهان جو ڪو به قصور نه هو۔
ميزبان 1: بلڪل صحيح۔ اڄ اسين تصويرن جي بنياد تي ٿيندڙ بدسلوڪي بابت ڳالهائينداسين۔ اهو تڏهن ٿيندو آهي جڏهن ڪو ماڻهو توهان جي رضامندي کان سواءِ توهان جون تصويرون يا وڊيوز ٻين سان شيئر ڪري، يا انهن کي شيئر ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي۔ ڪڏهن ماڻهو اي آعي جي مدد سان جعلي تصويرون به تيار ڪندا آهن، جيڪي ڏسڻ ۾ حقيقي لڳنديون آهن ۽ ڪنهن کي نقصان يا تڪليف پهچائڻ لاءِ استعمال ڪيون وينديون آهن۔ هن سيشن ۾ اسين اهڙين ڳالهين بابت وڌيڪ سمجهنداسين ۽ انهن اهم حقيقتن تي به ڳالهائينداسين، جيڪي هر متاثر شخص لاءِ ڄاڻڻ ضروري آهن۔ ٿي سگهي ٿو انهن مان ڪجهه ڳالهيون انهن ڳالهين کان مختلف هجن، جيڪي توهان اڳ ۾ ٻڌيون هجن۔ جيڪڏهن توهان هن وقت ڪنهن ڏکئي يا بحراني صورتحال مان گذري رهيا آهيو ۽ فوري سهائتا جي ضرورت محسوس ڪريو ٿا، ته مهرباني ڪري اسان جي ويب سائيٽ تي موجود ڊائريڪٽري ڏسو۔ ۽ جيڪڏهن توهان بدسلوڪي جي رپورٽ ڪرڻ يا آن لائن محفوظ رهڻ بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا، ته اسان جو "پنهنجي مدد سان آن لائن تحفظ" وارو رهنما به موجود آهي۔
ميزبان 1: جي ها۔ هن سيشن ۾ اسين ان ڳالهه تي غور ڪنداسين ته اهڙي بدسلوڪي اسان جي زندگيءَ تي ڪهڙا اثر وجهي سگهي ٿي۔ ممڪن آهي ته هن موضوع تي ڳالهائڻ دوران ڪجهه ڏکيا احساس يا پراڻيون يادون ذهن ۾ اچن۔ تنهن ڪري پنهنجي خيال رکڻ کي اوليت ڏيو۔ توهان جڏهن به چاهيو، سيشن روڪي سگهو ٿا، وقفو وٺي سگهو ٿا يا پوءِ ٻيهر جاري رکي سگهو ٿا۔ توهان جي ڀلائي ۽ ذهني سڪون سڀ کان وڌيڪ اهم آهن۔
ميزبان 2: اچو ته انهن سوالن سان شروعات ڪريون، جن تي اسين گڏجي غور ڪنداسين۔ پاڪستان اندر يا پاڪستان کان ٻاهر، اسان جي برادرين ۾ تصويرن جي بنياد تي ٿيندڙ بدسلوڪي ڪهڙي صورت اختيار ڪري ٿي؟ ۽ اها اسان تي ۽ اسان جي خاندانن تي ڪهڙا اثر ڇڏي ٿي؟
ميزبان 1: جيڪڏهن اهو تجربو توهان سان پيش آيو آهي، ته شايد توهان پاڻ کان پڇيو هجي: آخر مون سان ائين ڇو ٿيو؟ اسان جي آس پاس عورتن سان اهڙا واقعا ڇو پيش اچن ٿا؟
ميزبان 2: اسان هڪ ٻئي جي سهائتا ڪيئن ڪري سگهون ٿا؟ مدد ڪٿان ۽ ڪيئن حاصل ڪري سگهجي ٿي؟ ۽ سڀ کان اهم، اهي ڪهڙيون حقيقتون آهن جيڪي صحتيابي جي سفر ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون؟ اسان کي ڪهڙيون ڳالهيون ذهن ۾ رکڻ گهرجن؟
ميزبان 2: اچو ته سڀ کان پهرين اهو سمجهون ته تصويرن جي بنياد تي ٿيندڙ بدسلوڪي اصل ۾ ڇا آهي۔ ڪيترن ماڻهن جو خيال هوندو آهي ته اهڙي بدسلوڪي صرف اگهاڙين يا جنسي نوعيت جي تصويرن تائين محدود هوندي آهي۔ ٽيڪنالاجي ڪمپنين ۽ ڪيترين حڪومتن، خاص طور تي مغربي ملڪن ۾، به اڪثر ان کي اهڙي ئي نظر سان ڏٺو آهي۔ پر حقيقت ان کان گهڻي وسيع آهي۔ اسان پاڪستانين ۽ ڏکڻ ايشيائي ماڻهن جي حيثيت سان اهڙي ماحول ۾ وڏا ٿيندا آهيون، جتي اسان کي مسلسل حياءَ، عزت ۽ وقار جو خيال رکڻ سيکاريو ويندو آهي۔ اسان جا ڪپڙا ڪيئن آهن؟ ڇا اسان دوپٽو پاتو آهي؟ اسان جينز ڇو پاتيون آهن؟ جيڪڏهن اسين دوستن يا ساٿين سان ٻاهر وڃون ٿا، ته به اڪثر چيو ويندو آهي ته تصويرون نه ڪڍرايو، ۽ جيڪڏهن تصويرون ورتيون وڃن ته انهن کي سوشل ميڊيا تي نه هڻو، ڇو ته ماڻهو ڇا چوندا؟ خاص طور تي جيڪڏهن اها تصوير رات جي وقت ورتل هجي۔ ڪڏهن ائين لڳندو آهي ڄڻ ڪو اڻ ڏٺل ناظر هر وقت اسان تي نظر رکي رهيو هجي، جيڪو ٻڌائي رهيو هجي ته اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڇا نه ڪرڻ گهرجي۔ ۽ آخرڪار، هر ڳالهه جو الزام به اڪثر اسان تي ئي رکيو ويندو آ۔
ميزبان 1: توهان بلڪل صحيح چئو ٿا۔ اهي ضابطا ۽ اميدون هر ماڻهو، هر خاندان ۽ هر برادري ۾ مختلف ٿي سگهن ٿيون۔ مثال طور، گهر ۾ ورتل تصوير، مهندي يا شادي ۾ نچندي ٺاهيل وڊيو، يا دوستن سان گڏ ڪنهن تقريب يا سير دوران ورتل تصوير۔ ڪڏهن رڳو ڪنهن اهڙي مرد سان تصوير هجڻ، جيڪو ويجهو مائٽ نه هجي، به ماڻهن جي ڳالهين جو سبب بڻجي سگهي ٿو۔ اهڙيون شيون مختلف خاندانن ۽ برادرين ۾ مختلف نموني سان ڏٺيون وينديون آهن۔
ميزبان 2: ڪڏهن ته اها ڪنهن شخص جي تصوير به نه هوندي آهي. اسان اهڙا ڪيترائي واقعا ٻڌا آهن جتي ماڻهن جي خانگي ڳالهه ٻولهه جا اسڪرين شاٽ ٻين سان شيئر ڪيا ويا. يا هڪ عام تصوير سان نامناسب جنسي نوعيت جا جملا، ڪيپشن يا گيت شامل ڪري ان کي سوشل ميڊيا تي پکيڙيو ويو. ڪڏهن تصويرن ۾ تبديليون يا ايڊيٽنگ ڪري انهن کي وڌيڪ نقصانڪار بڻايو ويو
ميزبان 1: هتي سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته ڪنهن تصوير کي ذاتي يا خانگي بڻائڻ جو دارومدار صرف ان جي مواد تي نه هوندو آهي۔ اصل ڳالهه اها هوندي آهي ته ڇا اها تصوير شيئر ڪرڻ لاءِ توهان رضامندي ڏني هئي يا نه۔ ڳالهه توهان جي چونڊ، رازداري ۽ رضامندي جي آهي۔ جيڪڏهن توهان بيرونِ ملڪ رهندڙ پاڪستانين مان آهيو ۽ اهڙي ملڪ ۾ رهندا آهيو جتي سماجي روايتون ۽ حياءَ بابت خيال مختلف آهن، ته شايد ڪجهه ماڻهو چون ته توهان سان ڪا بدسلوڪي نه ٿي آهي، ڇو ته جيڪا تصوير شيئر ڪئي وئي يا شيئر ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي، ان ۾ نه ڪا اگهاڙپ هئي ۽ نه ئي جنسي نوعيت جو مواد۔ پر حقيقت ۾ بدسلوڪي جو تعلق صرف تصوير جي نوعيت سان نه، پر توهان جي رضامندي ۽ رازداري جي ڀڃڪڙي سان به هوندو آهي۔
ميزبان 2: پر اصل ڳالهه تصوير نه، پر توهان جي رضامندي آهي۔ جڏهن ڪو ماڻهو توهان جون تصويرون توهان جي رضامندي کان سواءِ ٻين سان شيئر ڪري، يا ائين ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي، ۽ ان سان توهان کي نقصان يا تڪليف پهچي، ته اها تصويرن جي بنياد تي ٿيندڙ بدسلوڪي آهي۔
ميزبان 1: اسان ڄاڻون ٿا ته رضامندي بابت هر ماڻهو جي سمجهه ۽ سوچ مختلف ٿي سگهي ٿي. اها ڪا شرم جي ڳالهه ناهي، ڇو ته اسان جي سماج ۾ هن موضوع تي کليل نموني گهڻي ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي آهي، ۽ جيڪڏهن ٿيندي به آهي ته ان کي اڪثر غلط سمجهيو ويندو آهي.
ذاتي سطح تي به شايد اسان مان ڪيترن ماڻهن پنهنجي گهرن، اسڪولن يا دوستن جي وچ ۾ ننڍپڻ کان ذاتي ۽ جنسي حدن يا رضامندي بابت ڪا واضح گفتگو نه ٻڌي هجي. تنهن هوندي به، اسان کي مسلسل اهڙا پيغام ملندا رهندا آهن. ماڻهو اڪثر ائين سمجهندا آهن ڄڻ رڳو اسان جي جسم جي موجودگي ئي رضامندي هجي. شايد اسان کي ٻڌايو ويو هجي ته ڪجهه خاص قسم جا ڪپڙا پائڻ سبب ماڻهو اسان کي غلط نظر سان ڏسن ٿا، يا رڳو جسم هجڻ سبب ئي اسان بابت اهڙا مطلب ڪڍيا وڃن ٿا. اهڙي قسم جي سوچ خاص طور تي ننڍين ڇوڪرين تي مڙهي ويندي آهي. پر اسان پوري يقين سان هڪ ڳالهه چئي سگهون ٿا: تصويرن جي بنياد تي ٿيندڙ بدسلوڪي توهان جي غلطي نه هئي، توهان ان کي دعوت نه ڏني هئي، ۽ نه ئي توهان ان جا حقدار هئا۔
ميزبان 2: ته پوءِ رضامندي کي فيمينسٽ نقطه نظر سان ڪيئن سمجهي سگهجي ٿو؟ رضامندي هميشه آزاد مرضي سان ڏني ويندي آهي، جنهن جو مطلب آهي ته ڪنهن به شخص طرفان دٻاءُ، ڌمڪي، فريب يا زبردستي موجود نه هجي.
رضامندي ڏيڻ لاءِ اهو به ضروري آهي ته ماڻهو مڪمل هوش ۽ حواس ۾ هجي. جيڪڏهن ڪو شخص نشي جي حالت ۾ هجي، سمهي رهيو هجي، طاقتور دوائن جي اثر هيٺ هجي يا بيهوش هجي، ته اهڙي حالت ۾ رضامندي نٿي ڏئي سگهجي. مثال طور، جيڪڏهن ڪو ماڻهو شاديءَ جي تقريب ۾ اسان جي نچندي، دوستن سان کلندي ڳالهائيندي، يا ڪنهن مائٽ جي گهر ۾ سمهيل حالت ۾ بغير اطلاع جي تصوير ڪڍي، ته ان لاءِ اسان رضامندي نه ڏني هوندي.
رضامندي هميشه مخصوص هوندي آهي، يعني ڪنهن هڪ ڳالهه لاءِ ها چوڻ، جهڙوڪ ڀاڪر پائڻ يا هٿ پڪڙڻ، ان جو هرگز اهو مطلب ناهي ته اسان ٻين ويجهن يا جنسي نوعيت وارن عملن لاءِ به رضامند آهيون. ان جو اهو به مطلب آهي ته جيڪڏهن اسان ماضي ۾ ڪنهن ڳالهه لاءِ ڪيترائي ڀيرا ها چئي چڪا آهيون، ته به هر نئين صورتحال ۾ نه چوڻ جو مڪمل حق اسان وٽ موجود آهي. مثال طور، ٿي سگهي ٿو ته توهان پنهنجي منگيتر کي مختلف لباس آزمائيندي پنهنجيون تصويرون موڪليون هجن ۽ هن توهان کان پڇيو هجي ته ڇا اهي تصويرون پنهنجي ڀيڻ يا دوست سان شيئر ڪري سگهي ٿو، پر ان مان هرگز اهو نٿو سمجهي سگهجي ته هن کي توهان جون خانگي تصويرون ٻين سان شيئر ڪرڻ جي عام يا مستقل اجازت حاصل آهي. هر ڀيري رضامندي الڳ ۽ واضح طور حاصل ڪرڻ ضروري آهي۔
ميزبان 1: رضامندي واپس به ورتي وڃي سگهي ٿي. ان جو مطلب اهو آهي ته جيڪڏهن اسان شروعات ۾ ڪنهن ڳالهه لاءِ ها ڪئي هجي، ته به بعد ۾ نه چوڻ جو حق اسان وٽ موجود هوندو آهي. مثال طور، ماڊلز ڪنهن اشتهاري مهم يا تصويرڪشي لاءِ تصويرون ڪڍرائڻ جي رضامندي ڏئي سگهن ٿا، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته فوٽوگرافر انهن تصويرن کي هميشه لاءِ پنهنجي مرضي مطابق هر هنڌ يا هر مقصد لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿو.
رضامندي ڄاڻ تي ٻڌل هجڻ گهرجي، يعني اسان کي مڪمل طور خبر هئڻ گهرجي ته ڇا ٿي رهيو آهي يا ڇا ٿيڻ وارو آهي، ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي دوکي يا گمراهه ڪرڻ واري ڳالهه شامل نه هجي.
رضامندي تڏهن به آزادانه نٿي سمجهي وڃي، جڏهن ڪو شخص پنهنجي طاقت، اختيار يا حيثيت جو ناجائز فائدو وٺي رهيو هجي. مثال طور، اسان جو باس، اسان جي نتيجن يا درجن جو ذميوار استاد، خاندان جو وڏو فرد، يا ڪو به اهڙو شخص جيڪو پنهنجي اختيار جي بنياد تي اسان تي دٻاءُ وجهي يا اسان کي بي آرام محسوس ڪرائي۔
ميزبان 2: رضامندي هميشه لفظن جي صورت ۾ ظاهر نه ڪئي ويندي آهي، پر هڪ ڳالهه بلڪل واضح آهي: خاموشي کي ڪڏهن به رضامندي نٿو سمجهي سگهجي. ڪنهن به حالت ۾ خاموشي کي "ها" جي معنيٰ نه ڏني وڃي. جيئن توهان کي حقيقي دنيا ۾ محفوظ رهڻ جو حق حاصل آهي، تيئن آن لائن دنيا ۾ به توهان جي حفاظت ۽ رازداري جو حق آهي.
پنهنجي حفاظت بابت ڄاڻ رکڻ ۽ اهو سمجهڻ ته پاڻ کي محفوظ رکڻ جا طريقا موجود آهن، انسان کي وڌيڪ بااختيار ۽ پراعتماد بڻائي سگهي ٿو. هاڻي اچو ته ٻيهر تصويرن جي بنياد تي ٿيندڙ بدسلوڪي ۽ رضامندي جي موضوع ڏانهن موٽون.
اسين چاهيون ٿا ته هي ڳالهه پاڻ کي بار بار ياد ڏياريندا رهون: اسان سڀني کي پنهنجي تصوير ۽ سڃاڻپ تي حق حاصل آهي، ۽ ڪنهن کي به اهو حق ناهي ته اهو حق اسان کان کسي وٺي۔
. ميزبان 1: پر اهڙي بدسلوڪي صرف ويجهن يا رومانوي لاڳاپن وارن ماڻهن تائين محدود ناهي بدسلوڪي ڪندڙ ڪو ساٿي ملازم، پاڙيسري، سڃاڻپ وارو شخص، سئوٽ يا ماسات، اڳوڻو دوست، ساهرن مان ڪو فرد، خاندان جو ٻيو ميمبر يا بلڪل اڻڄاتل شخص به ٿي سگهي ٿو. بدقسمتي سان، اسان جي سماج ۾ شادي برقرار رکڻ کي هڪ عزتدار عورت جي اهم ذميواري سمجهيو ويندو آهي، ۽ عورتن ۽ انهن جي خاندانن سان لاڳاپيل بدنامي جو خوف به تمام گهڻو هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ساهرن جا ماڻهو اهڙين عورتن کي، جيڪي بدسلوڪي واري شادي مان نڪرڻ چاهين ٿيون، خانگي تصويرون يا وڊيوز پکيڙڻ جون ڌمڪيون ڏئي بليڪ ميل ڪندا آهن. نتيجي ۾ ڪيتريون عورتون خاموش ٿي وڃن ٿيون، طلاق جي ڳالهه ڪرڻ ڇڏي ڏين ٿيون ۽ پنهنجي خاندان سان به اهو شيئر نٿيون ڪن ته انهن سان ڇا ٿي رهيو آهي. ۽ جيڪڏهن ڪن به، ته شايد کين خاموش رهڻ ۽ پنهنجي قسمت سان سمجهوتو ڪرڻ جو مشورو ڏنو وڃي. اسان اڪثر ٻڌندا آهيون ته "قسمت ته خدا ٺاهيندو آهي"، ڄڻ ته بدسلوڪي برداشت ڪرڻ ئي زندگي جو مقدر هجي۔
ميزبان 2: ها، ۽ اسان اڪثر اهڙيون ڳالهيون به ٻڌندا آهيون، جهڙوڪ "جيڪو الله کي منظور" يا "رب جي مرضي"۔ اهي جملا ڪڏهن ڪڏهن اهڙي نموني استعمال ڪيا ويندا آهن، ڄڻ بدسلوڪي ڪندڙن يا متاثر شخص کي الزام ڏيڻ وارن ماڻهن جي ڪا ذميواري ئي ناهي، ۽ انهن کان ڪنهن به قسم جي جوابدهي نه گهري وڃي۔ اهڙي صورتحال ۾ ڪيترائي ماڻهو خاموش رهڻ کي ترجيح ڏين ٿا، ڇاڪاڻ ته کين ڊپ هوندو آهي ته جيڪڏهن هو وڌيڪ ڳالهائيندا ته کين وڌيڪ ڏکوئيندڙ ڳالهيون ٻڌڻيون پونديون ۽ هو وڌيڪ اڪيلائي محسوس ڪندا۔ هاڻي وڌندڙ تعداد ۾ اهڙا واقعا به سامهون ايا هن، جتي
بدسلوڪي ڪندڙ مڪمل طور اڻڄاتل ماڻهو هوندا آهن۔ اهي ڪنهن جا اڪائونٽ هيڪ ڪري سگهن ٿا، تصويرون حاصل ڪري سگهن ٿا يا نامعلوم نمبرن تان عورتن کي بليڪ ميل ڪري سگهن ٿا۔ ڪجهه ماڻهو هاڻي اي آعي جي مدد سان مڪمل طور جعلي تصويرون به تيار ڪن ٿا، جن کي "ڊيپ فيڪ" چيو ويندو آهي۔ اهي تصويرون ايتريون حقيقي لڳي سگهن ٿيون جو ماڻهن لاءِ سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڪرڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو، ڀلي اهڙي ڪا حقيقي تصوير ڪڏهن موجود ئي نه هجي۔
سوشل ميڊيا ۽ واٽس ايپ اهڙي مواد کي تمام تيزي سان وڏي پيماني تي پکيڙڻ آسان بڻائي ڇڏيو آهي۔ هي ڳالهه خاص طور تي ڳڻتي جوڳي آهي، ڇاڪاڻ ته جن برادرين ۾ حياءَ، عزت ۽ سماجي وقار کي وڏي اهميت ڏني ويندي آهي، اتي اهڙي جعلي تصوير يا ان بابت افواهه به ماڻهن جي نظر ۾ بي عزتي جو سبب بڻجي سگهي ٿو۔ ڪيترائي ماڻهو شايد يقين ئي نه ڪن ته اها تصوير جعلي آهي، جنهن جا انتهائي نقصانڪار نتيجا نڪري سگهن ٿا۔ انهيءَ خوف سبب ته تصويرون يا افواهه پکيڙيا ويندا، ڪيترائي متاثر ماڻهو سالن تائين بليڪ ميل ڪندڙن کي پئسا ڏيندا رهندا آهن۔
. ميزبان 1: هن ڳالهه کي سمجهڻ تمام ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو چوندا آهن: "توهان کي وڌيڪ احتياط ڪرڻ گهرجي ها" يا "توهان هن تي اعتبار ئي ڇو ڪيو؟" پر حقيقت اها آهي ته ڪو به شخص بدسلوڪي ڪندڙ ٿي سگهي ٿو۔
ميزبان 2: ايستائين جو اهي ماڻهو به، جن تي اسان ڀروسو ڪيو هجي، اهي ماڻهو به جن سان اسان محبت ڪندا هجون، ۽ ڪڏهن ڪڏهن خاندان جا فرد به. پر پوءِ به بدسلوڪي ڪرڻ انهن جو پنهنجو فيصلو هوندو آهي، ۽ ان جي ذميواري توهان تي نه ٿي اچي۔
ميزبان 1: پر آخر ائين ٿيندو ڇو آهي؟ ماڻهو اهڙو عمل ڇو ڪندا آهن؟
ميزبان 2: تصويرن جي بنياد تي ٿيندڙ بدسلوڪي جو مقصد نقصان پهچائڻ هوندو آهي اهو اسان کي خاموش ڪرائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، ته جيئن اسين پنهنجو آواز بلند نه ڪري سگهون. اهو اسان جي اعتماد کي گهٽائڻ يا سماج ۾ اسان جي موجودگي ۽ سرگرمين کي محدود ڪرڻ لاءِ به استعمال ٿي سگهي ٿو. ڪڏهن اسان جي شهرت کي نقصان پهچائڻ يا ان جي ڌمڪي ڏيڻ ذريعي اسان کي شرمسار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، ته ڪڏهن خاندان، دوستن يا ساٿين کان الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، جيئن اسين اڪيلائي جو شڪار ٿي وڃون. ڪڏهن تصويرن کي دٻاءُ وجهڻ جي اوزار طور استعمال ڪيو ويندو آهي، ته جيئن اسان کي ڪنهن ڳالهه تي مجبور ڪيو وڃي يا ڪنهن سان لاڳاپو برقرار رکڻ تي مجبور ڪيو وڃي. اهو مالي فائدو حاصل ڪرڻ، بليڪ ميل ڪرڻ يا جنسي تسڪين حاصل ڪرڻ لاءِ به استعمال ٿي سگهي ٿو. الاهي حالتن ۾ اهي سڀ مقصد هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هوندا آهن ۽ هڪ ٻئي کي وڌيڪ طاقت ڏيندا آهن۔
ميزبان 1: ان جي جڙ هڪ اهڙي سماجي سوچ ۾ موجود آهي، جتي مردن جي طاقت ۽ اختيار کي مرڪزي حيثيت حاصل هوندي آهي، عورتن جي جسم ۽ چونڊن تي ڪنٽرول رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، ۽ عورت جي قدر کي عزت، شرم ۽ حياءَ جهڙن تصورن سان ڳنڍيو ويندو آهي۔
ميزبان 2: اهڙي سوچ رکندڙ ماڻهو پاڻ کي حق وارو سمجهندا آهن ته هو اسان جون تصويرون هٿيار طور استعمال ڪن، ڪڏهن پئسن لاءِ، ڪڏهن طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ، ڪڏهن بدلو وٺڻ لاءِ، ڪڏهن اسان کي خاموش ڪرائڻ لاءِ، يا اسان ۽ اسان جي خاندانن کي شرمسار ڪرڻ لاءِ. پر هڪ ڳالهه هميشه ياد رکڻ گهرجي: بدسلوڪي ڪرڻ انهن جو فيصلو هوندو آهي، توهان جو نه، ۽ شرم به انهن کي اچڻ گهرجي، اسان کي نه۔
ميزبان 2: هتي ٿورو وقفو وٺون ٿا. هن وقت تائين اسان تصويرن جي بنياد تي ٿيندڙ بدسلوڪي بابت ۽ ان ۾ ملوث ماڻهن بابت ڳالهائي چڪا آهيون. اڳتي وڌڻ کان اڳ، اچو ته ڪجهه گهڙيون پاڻ لاءِ ڪڍون ۽ پنهنجي خيال رکڻ تي ڌيان ڏيون۔
ميزبان 1: جيڪڏهن توهان مناسب سمجهو، ته هڪ سادي ساهه کڻڻ جي مشق ڪري سگهو ٿا۔ چار ڳڻپ تائين ساهه اندر کڻو، چار ڳڻپ تائين روڪيو، ۽ پوءِ چار ڳڻپ تائين آهستي آهستي ٻاهر ڇڏيو۔ اچو ته گڏجي ڪريون۔ ساهه اندر کڻو... هڪ، ٻه، ٽي، چار۔ هاڻي ساهه روڪيو... هڪ، ٻه، ٽي، چار۔ ۽ هاڻي آهستي آهستي ساهه ٻاهر ڇڏيو... هڪ، ٻه، ٽي، چار۔
ميزبان 2: هاڻي اسين هڪ اهڙي موضوع ڏانهن وڌنداسين، جيڪو ڪجهه ماڻهن لاءِ ڏکيو ٿي سگهي ٿو: اهڙي بدسلوڪي جا متاثر ماڻهن تي پوندڙ اثر. اسان ڄاڻون ٿا ته هي ڳالهيون ٻڌڻ آسان نه هوندو، پر حقيقتن کي سمجهڻ ۽ انهن بابت کلي ڳالهائڻ ضروري آهي۔
ميزبان 1: پاڪستاني خاندانن ۾ تصويرن جي بنياد تي ٿيندڙ بدسلوڪي جا نتيجا تمام سنگين ٿي سگهن ٿا. اهي صرف ذاتي تڪليف يا شرمندگي تائين محدود ناهن هوندا. متاثر ماڻهن کي خانداني تڪرارن، شهرت کي نقصان پهچڻ، برادري کان الڳ ٿيڻ، دوستين ۽ سماجي لاڳاپن تي پابنديون لڳڻ، موبائل فون کسي وٺڻ، تعليم يا روزگار ڇڏرائڻ، زبردستي شادي ڪرائڻ، جسماني تشدد ۽ ڪڏهن ڪڏهن عزت جي نالي تي قتل جهڙن خطرن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، ۽ اسان مان گهڻن اهڙيون ڪهاڻيون ٻڌيون آهن. جيڪڏهن متاثر شخص ڊائاسپورا سان تعلق رکي ٿو، ته ڪڏهن کيس واپس پاڪستان موڪليو ويندو آهي، جتي هو ان قانوني يا سماجي سهائتا کان محروم ٿي سگهي ٿو، جنهن سان هو پنهنجي پرورش واري ملڪ ۾ واقف هوندو آهي. اسان سڀ اهڙين عورتن جون ڪهاڻيون ڄاڻون ٿا جن کي اهڙن خطرن کي منهن ڏيڻو پيو، ۽ انهن عورتن بابت به ٻڌو آهي جن پنهنجيون زندگيون وڃائي ڇڏيون۔
ميزبان 2: اسان مان ڪيترا اهڙا آهن جن هراساني بابت پنهنجي والدين يا خاندان جي مردن کي ٻڌائڻ کان ڊپ محسوس ڪيو آهي؟ اسان ڄاڻون ٿا ته ڪڏهن ڪڏهن اهو خوف هوندو آهي ته نتيجي ۾ گهر کان ٻاهر وڃڻ تي پابندي لڳائي ويندي، فون استعمال ڪرڻ نه ڏنو ويندو يا دوستن سان ملڻ جلڻ کان روڪيو ويندو. يقيناً سڀ خاندان اهڙي نموني ردعمل نٿا ظاهر ڪن. ڪيترن ماڻهن کي سهارو ڏيندڙ والدين، ڀائر ۽ ٻيا گهرڀاتي به ملن ٿا، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اهڙو خوف اسان مان ڪيترن جي حقيقت آهي. هن گفتگو ۾ اسين بحالي ۽ اڳتي وڌڻ بابت ڳالهائي رهيا آهيون، پر جيڪڏهن توهان اسان جي ويب سائيٽ چين ڊوٽ
ڪو
تي موجود ڊائريڪٽري مان سهائتا حاصل ڪري سگهو ٿا
ميزبان 1: اهڙن اثرن جي وسعت بابت ٻڌڻ واقعي ڏکوئيندڙ ۽ خوفناڪ ٿي سگهي ٿو. ان جو هڪ اهم سبب اهو آهي ته ڪيترين برادرين ۾ شرم يا بدنامي کي فردي نه پر اجتماعي معاملو سمجهيو ويندو آهي. جڏهن ڪنهن هڪ شخص، خاص طور تي عورت سان، ڪو واقعو پيش اچي ٿو ته ان کي سڄي خاندان جي عزت يا شهرت سان جوڙي ڏٺو ويندو آهي. نتيجي ۾ مائٽ ۽ ٻيا ماڻهو به مداخلت ڪرڻ لڳندا آهن، ۽ "عزت" جو سڄو بار تقريباً عورتن جي ڪلهن تي وڌو ويندو آهي. جيتوڻيڪ توهان اهڙي صورتحال پيدا نه ڪئي هجي، ۽ جيتوڻيڪ توهان پنهنجي تصويرن جي شيئر ٿيڻ لاءِ رضامندي نه ڏني هجي، تڏهن به الزام توهان تي مڙهيو وڃي سگهي ٿو. سماجي فيصلا ۽ تنقيد به تمام تيزي سان سامهون اچي سگهن ٿا. ماڻهو ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪري سگهن ٿا، توهان جي خاندان کان پاسو ڪري سگهن ٿا يا توهان سان مختلف رويو اختيار ڪري سگهن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ڪيتريون عورتون پنهنجي خاندانن کان به سخت نتيجا ڀوڳڻ تي مجبور ٿين ٿيون۔
ميزبان 2: هينئر تائين اسان انهن اثرن بابت ڳالهائي رهيا هئاسين جيڪي ٻين ماڻهن جي عملن سبب متاثر شخص تي پون ٿا. پر ان کان علاوه اهي احساس به هوندا آهن جيڪي اسان پنهنجي اندر محسوس ڪندا آهيون، جهڙوڪ ڪاوڙ، ڏک، احساسِ جرم ۽ شرمندگي. ڪڏهن ڪڏهن اسان پاڻ کي ئي ذميوار سمجهڻ لڳندا آهيون. اسان سوچيندا آهيون ته شايد هي سڀ اسان جي ڪري ٿيو آهي يا اسان پنهنجي خاندان لاءِ بدنامي جو سبب بڻيا آهيون. اسان مان گهڻا چاهيندا آهن ته اسان جا والدين اسان تي فخر ڪن. جڏهن اسان کي اهو ٻڌايو وڃي ته اسان جي ڪري خاندان جي عزت متاثر ٿي آهي، ته اسين ان جو الزام پاڻ تي کڻڻ لڳندا آهيون. پر حقيقت اها آهي ته اهو شرم اسان جو ناهي. هي اسان جي غلطي ناهي. اعتماد ڪرڻ غلطي ناهي. خوش رهڻ ۽ پنهنجي زندگي گذارڻ جي خواهش رکڻ غلطي ناهي۔
ميزبان 1: اسان ڄاڻون ٿا ته سهائتا نه ملڻ، توهان جي ڳالهه تي يقين نه ڪرڻ يا توهان کي گهربل تحفظ نه ملڻ ڪيترو ڏکيو هوندو آهي. پر توهان سهائتا جا حقدار آهيو، سزا جا نه. توهان تي يقين ڪرڻ گهرجي، الزام نه هڻڻ گهرجي. توهان تحفظ جا حقدار آهيو، نه ته اڪيلو ڇڏي ڏيڻ جا۔
ميزبان 2: شرم ان شخص جو آهي، جنهن توهان جي رازداري ۽ رضامندي جي ڀڃڪڙي ڪئي. اهو شرم توهان جو ناهي۔
ميزبان 1: تصويرن جي بنياد تي ٿيندڙ بدسلوڪي جو تجربو ڪيترن ئي ڏکين احساسن کي جنم ڏئي سگهي ٿو. اسان انهن مان ڪجهه احساسن جو ذڪر ڪرڻ چاهيون ٿا، ڇاڪاڻ ته ڪڏهن ڪڏهن صرف اهو ڄاڻڻ به مددگار هوندو آهي ته جيڪي احساس اسان محسوس ڪري رهيا آهيون، اهي ٻين ماڻهن لاءِ به واقف ٿي سگهن ٿا۔
ميزبان 2: اسان خوف محسوس ڪري سگهون ٿا ــ اهو خوف ته شايد ماڻهو اسان کي سڃاڻي وٺن، يا جيڪڏهن ٻين کي خبر پئجي وئي ته ڇا ٿيندو، يا وري اهي تصويرون ٻيهر سامهون اچي وڃن. خوف صرف ذهن تائين محدود نه هوندو آهي؛ اهو جسم ۾ به محسوس ٿي سگهي ٿو. مثال طور، فون جي گهنٽي يا نوٽيفڪيشن اچڻ تي پيٽ ۾ بيچيني محسوس ٿيڻ، يا ڪنهن کي تصويرون ڪڍندي ڏسي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وڃڻ۔
ميزبان 1: اسان شرمندگي يا احساسِ جرم به محسوس ڪري سگهون ٿا، جيتوڻيڪ اهو سڀ ڪجهه اسان جي غلطي نه هجي. اهي احساس اڪثر انهن الزام هڻندڙ پيغامن مان پيدا ٿيندا آهن، جيڪي سماج کان ٻڌندي ٻڌندي اسان جي سوچ جو حصو بڻجي ويندا آهن۔
ميزبان 2: اسان پاڻ کي دوکي جو شڪار به محسوس ڪري سگهون ٿا ــ ان شخص جي ڪري جنهن اسان جون تصويرون شيئر ڪيون، انهن گهرڀاتين جي ڪري جن اسان جو ساٿ نه ڏنو، يا انهن نظامن ۽ ادارن جي ڪري جن اسان جي مدد نه ڪئي۔
ميزبان 1: ۽ اسان کي ڪاوڙ به اچي سگهي ٿي. بدسلوڪي ڪندڙ تي ڪاوڙ، انهن نتيجن تي ڪاوڙ جن کي هاڻي اسان کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، ۽ ان سڄي صورتحال جي ناانصافي تي ڪاوڙ۔
ميزبان 2: اهي سڀ احساس جائز آهن. بدسلوڪي کان پوءِ محسوس ڪرڻ جو ڪو هڪ "صحيح" طريقو ناهي. هر ماڻهو پنهنجي انداز ۾ ردعمل ظاهر ڪري ٿو، ۽ هر احساس اهميت رکي ٿو۔
ميزبان 1: هتي اسان اهو به تسليم ڪرڻ چاهيون ٿا ته ڪجهه گروهن کي ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خطرن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو۔
ميزبان 2: مثال طور، ڪوير عورتون، ٽرانس عورتون، ۽ اهي ماڻهو جيڪي روايتي صنفي اميدن کان مختلف نموني پاڻ کي ظاهر ڪن ٿا، اڪثر خاص طور تي هراساني ۽ نشانو بڻائيندڙ بدسلوڪي جو شڪار ٿيندا آهن۔ انهن کي اهو خطرو هوندو آهي ته سندن سڃاڻپ يا جنسي رجحان بنا رضامندي جي ظاهر ڪيو وڃي، جنهن سبب کين وڌيڪ تشدد يا نقصان جو سامنا ڪرڻو پئجي سگهي ٿو. ڪجهه هنڌن تي اهڙا قانون به موجود آهن جيڪي ڪوير ماڻهن لاءِ قانوني مسئلا پيدا ڪري سگهن ٿا. اهڙي صورتحال ۾ انهن کي صرف ماڻهن يا آن لائن دنيا مان ٿيندڙ بدسلوڪي جو ئي نه، پر قانوني نتيجن جو به خطرو هوندو آهي۔
ميزبان 1: اهڙين حالتن ۾ سرڪاري ادارا يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به هميشه محفوظ نٿا محسوس ٿين. ڪميونٽي جي سهائتا حاصل ڪرڻ به ڏکيو ۽ خطري وارو ٿي سگهي ٿو. اهو خاص طور تي افسوسناڪ آهي، ڇو ته برادري ۽ ماڻهن جي سهائتا ڪڏهن ڪڏهن زندگي بدلائيندڙ، ۽ ڪجهه حالتن ۾ زندگي بچائيندڙ به ثابت ٿي سگهي ٿي. اسان اهو به ڄاڻون ٿا ته نوجوان عورتون اڪثر فريب، بليڪ ميلنگ يا ڌمڪين جو نشانو بڻجن ٿيون، خاص طور تي پنهنجي ساٿين يا اڳوڻن لاڳاپن وارن ماڻهن جي طرفان. اهڙين حالتن ۾ انهن کي ائين محسوس ٿي سگهي ٿو ته ڄڻ مدد يا تحفظ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪا محفوظ جاءِ موجود ئي نه هجي۔
ميزبان 2: ڳوٺاڻن علائقن يا وڌيڪ قدامت پسند پسمنظر رکندڙ عورتن کي اڪثر وڌيڪ سخت نتيجن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي ، ڇاڪاڻ ته اتي سماجي ضابطا وڌيڪ سخت هوندا آهن ۽ انصاف تائين رسائي به محدود هوندي آهي. جيڪڏهن توهان پاڪستان ۾ ڪنهن مذهبي يا ظلم جو شڪار ٿيندڙ اقليتي برادري سان تعلق رکو ٿا، ته خطرا وڌيڪ سنگين ٿي سگهن ٿا. مثال طور، جيڪڏهن توهان افغان آهيو ته ملڪ بدر ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون وڃي سگهن ٿيون. اهڙي طرح، توهينِ مذهب جو صرف هڪ الزام به انتهائي خطرناڪ صورتحال پيدا ڪري سگهي ٿو، ڀلي ان جي حمايت ۾ ڪو ثبوت موجود نه هجي. اهڙيون ڌمڪيون ڪڏهن ڪڏهن جان ليوا به ثابت ٿي سگهن ٿيون۔
ميزبان 1: ان جو مطلب صرف اهو آهي ته اسان مان ڪجهه ماڻهن کي پنهنجي سڃاڻپ، پسمنظر يا رهائش واري ماحول جي ڪري اضافي مشڪلاتن ۽ خطرن کي به منهن ڏيڻو پوي ٿو۔
ميزبان 2: ۽ اهي سڀئي تجربا اهم آهن ۽ انهن کي سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي. توهان شهر ۾ رهندا هجو يا ڳوٺ ۾، نوجوان هجو يا وڏي عمر جا، پاڻ کي سڌي جنسي رجحان وارو سمجهندا هجو يا ڪوير ــ توهان جو تجربو اهميت رکي ٿو. جيڪڏهن توهان اهڙي ملڪ ۾ رهندا آهيو جتي توهان اقليت ۾ آهيو، ته شايد توهان کي اهو به خوف هجي ته توهان جا استاد، دوست يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اهو نه سمجهن ته توهان کي هن قسم جي بدسلوڪي ڇو برداشت ڪرڻو پوي ٿو. ۽ جيڪڏهن توهان جو خاندان توهان جو ساٿ نه ڏئي رهيو هجي، ته شايد انهن لاءِ به اهو سمجهڻ ڏکيو هجي ته ان جي پويان ڪهڙا سبب آهن. ڊائاسپورا سان تعلق رکندڙ ماڻهن لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ٻٽي رڪاوٽ پيدا ٿي ويندي آهي: نه پنهنجي برادري مان مناسب سهائتا ملي ٿي، ۽ نه ئي برادري کان ٻاهر آساني سان مدد حاصل ٿي سگهي ٿي۔
ميزبان 1: هاڻي اچو ته انهن رڪاوٽن بابت ڳالهائينداسين، جن کي متاثر ماڻهو مدد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش دوران منهن ڏيندا آهن، ڇو ته افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سهائتا حاصل ڪرڻ جو عمل پاڻ به هڪ وڏو چئلينج بڻجي سگهي ٿو۔
ميزبان 2: ڪيترائي متاثر ماڻهو بدنامي ۽ خوف جو شڪار هوندا آهن. اسان کي اهو ڊپ ٿي سگهي ٿو ته جيڪڏهن اسين ڳالهائينداسين، ته خاندان يا برادري طرفان سزا ڏني ويندي يا اسان سان ناروا سلوڪ ڪيو ويندو۔
ميزبان 1: اسان جي سماج ۾ پوليس وٽ وڃڻ کي اڪثر اهڙي ڳالهه سمجهيو ويندو آهي، جيڪا "عزتدار" خاندان نه ڪندا آهن، خاص طور تي جڏهن معاملو عورتن سان لاڳاپيل هجي. گهريلو تشدد؟ پوليس وٽ نه وڃو. جنسي حملو؟ پوليس وٽ نه وڃو. ان کان علاوه، اسان ٻين متاثر ماڻهن جون اهڙيون ڪهاڻيون به ٻڌيون آهن، جن ۾ انهن کي الزام ڏنو ويو، سندن رازداري جي حفاظت نه ڪئي وئي، يا کين ٻيهر ذهني تڪليف مان گذاريو ويو. ڪجهه واقعن ۾ پوليس متاثر شخص جي خواهش جي ابتڙ بدسلوڪي ڪندڙ يا سندس خاندان سان رابطو ڪيو، ڀلي متاثر شخص ڳجهي نموني مدد حاصل ڪرڻ لاءِ آيو هجي. ڪڏهن اهڙن معاملن کي "صلح" يا "وچٿري" جي نالي ۾ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. انهن سڀني سببن جي ڪري ڪيترائي متاثر ماڻهو پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪن ٿا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي ڀروسو ڪرڻ کان هٻڪ محسوس ڪن ٿا۔
ميزبان 2: ڪيترائي ماڻهو بنا رضامندي شيئر ڪيل تصويرن جي شڪايت ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا پليٽفارمن يا ويب سائيٽن ڏانهن رجوع ڪندا آهن، پر اهو عمل هميشه سولو نه هوندو آهي. جيتوڻيڪ اهڙو طريقو نسبتاً رازداري سان اختيار ڪري سگهجي ٿو، پر اڪثر اسان کي پليٽفارمن جي بي عملي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ڪڏهن اسان کي ٻڌايو ويندو آهي ته اهي تصويرون ڪميونٽي گائيڊ لائينز جي خلاف ناهن، يا قانوني ڪارروائي لاءِ گهربل معيارن تي پوريون نٿيون لهنديون.
تڏي اسان هڪ ڏکئي صورتحال ۾ ڦاسي پوندا آهيون: هڪ پاسي قانوني ڪارروائي لاءِ ثبوت محفوظ رکڻ ضروري هوندو آهي، ته ٻئي پاسي اسان جي خواهش هوندي آهي ته نقصانڪار مواد فوري طور هٽايو وڃي۔
ميزبان 1: ان کان علاوه، سوشل ميڊيا پليٽفارمن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا طريقا اڪثر سست يا غير يڪسان هوندا آهن. اهڙي دير سبب نقصان ۽ خطرا وڌيڪ وڌي سگهن ٿا. انهن سڀني مشڪلاتن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندا آهن ۽ شڪايت ڪرڻ کان به دلشڪسته ٿي ويندا آهن. ۽ شايد توهان شڪايت ڪرڻ ئي نه چاهيو. ٿي سگهي ٿو توهان جي صرف اها خواهش هجي ته اهي تصويرون هٽايون وڃن. يا شايد توهان چاهيو ته بدسلوڪي ڪندڙ کي پنهنجي عملن جا نتيجا ڀوڳڻا پون، جيئن هو ڪنهن ٻئي سان اهڙو سلوڪ نه ڪري۔
ميزبان 2: ڪنهن به صورت ۾، اهي انهن نظامن جون ناڪاميون آهن، جيڪي اسان جي حفاظت لاءِ موجود هئڻ گهرجن. تصويرن جي بنياد تي ٿيندڙ بدسلوڪي اسان جي پنهنجي جسم بابت احساسن ۽ پنهنجي ذات بابت سوچ تي به گهرو اثر وجهي سگهي ٿي. جڏهن ڪو اسان جي ظاهر يا تصوير کي اسان جي خلاف هٿيار طور استعمال ڪري، ته اسان مان ڪجهه پنهنجي جسم بابت بي آرامي محسوس ڪرڻ لڳندا آهن. اسان شايد پنهنجي ظاهر ۾ تبديليون آڻڻ جي ڪوشش ڪريون ــ جهڙوڪ وارن جو رنگ بدلائڻ، وزن گهٽائڻ يا وڌائڻ، لباس تبديل ڪرڻ، پنهنجو نالو بدلائڻ يا سوشل ميڊيا پروفائلن ۾ تبديليون ڪرڻ ــ ان اميد سان ته ماڻهو اسان کي سڃاڻي نه سگهن۔
ميزبان 1: اسان پنهنجي سمجهيل "خامين" تي غير معمولي ڌيان ڏيڻ شروع ڪري سگهون ٿا يا ائين محسوس ڪري سگهون ٿا، ڄڻ اسان جي جسم اسان سان ڪنهن نه ڪنهن طرح وفاداري نه ڪئي هجي۔
ميزبان 2: اهڙي صورتحال ۾ اسان جي خوداعتمادي ۽ پنهنجي قدر بابت احساس به متاثر ٿي سگهي ٿو. اسان پنهنجي فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت، پنهنجي سوچ ۽ پنهنجي چونڊن تي شڪ ڪرڻ لڳندا آهيون. ڪڏهن ڪڏهن اها بدسلوڪي اسان جي سڃاڻپ ۽ پنهنجي باري ۾ سوچ کي به لوڏي ڇڏيندي آهي۔
ميزبان 1: پر ياد رکو، توهان جي جسم ڪا به غلطي نه ڪئي آهي. ڪنهن ٻئي شخص جي شيئر ڪيل تصويرن جي بنياد تي توهان جي سڃاڻپ جو تعين نٿو ٿئي. توهان هن بدسلوڪي کان گهڻو وڌيڪ آهيو۔
ميزبان 2: ۽ پنهنجي پاڻ سان اهو رشتو ٻيهر مضبوط ڪرڻ ــ پنهنجي جسم سان، پنهنجي خوداعتمادي سان، ۽ پنهنجي سڃاڻپ سان ــ بحالي جي سفر جو هڪ اهم حصو آهي. ان ۾ وقت لڳي سگهي ٿو، ۽ اهو بلڪل خير آ۔
ميزبان 1: تصويرن جي بنياد تي ٿيندڙ بدسلوڪي کان پوءِ ڪيترن متاثر ماڻهن لاءِ ٻين تي ڀروسو ڪرڻ به ڏکيو ٿي ويندو آهي، ۽ اهو مڪمل طور سمجهڻ جهڙو آهي۔
ميزبان 2: جڏهن ڪو شخص اسان جي رازداري جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو، ته ائين محسوس ٿي سگهي ٿو ڄڻ هاڻي ڪنهن تي به ڀروسو نٿو ڪري سگهجي. اسان نون لاڳاپن بابت شڪي ٿي سگهون ٿا، ان ڳالهه بابت غير محفوظ محسوس ڪري سگهون ٿا ته ٻيا ماڻهو اسان کي ڪيئن ڏسن ٿا، يا ٻين جي مدد قبول ڪرڻ به اسان لاءِ ڏکيو ٿي سگهي ٿو۔
ميزبان 1: شايد اهڙا ڪيترائي سوال اسان جي ذهن ۾ اچن: هي شخص مون ۾ دلچسپي ڇو وٺي رهيو آهي؟ ڇا هو منهنجون تصويرون ڳولڻ جي ڪوشش ڪندو؟ مان هن کي اهو سڀ ڪجهه ڪڏهن ٻڌايان جيڪو مون سان ٿيو آهي؟
ميزبان 2: پر ڀروسو ٻيهر قائم ڪرڻ بلڪل ممڪن آهي. اهو اسان جي پنهنجي وقت سان ٿيندو، انهن ماڻهن تي جيڪي پنهنجي عملن ذريعي ڏيکارين ته هو اسان جي حدن ۽ فيصلن جو احترام ڪن ٿا۔
ميزبان 1: پر هتي هڪ اميد ڀري ڳالهه به آهي، جيڪا اسان توهان سان شيئر ڪرڻ چاهيون ٿا. انهن سڀني مشڪلاتن جي باوجود، اسان مزاحمت، همت، خوداعتمادي ۽ سهائتا جون به ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ٻڌيون آهن۔
ميزبان 2: الاهي متاثر ماڻهو هاڻي متاثر شخص کي الزام ڏيڻ واري سوچ کي رد ڪري رهيا آهن. هو اهو قبول ڪرڻ کان انڪارڪن ٿا ته ٻين ماڻهن طرفان سندن تصويرن جي غلط استعمال جي ذميواري انهن تي اچي ٿي۔
ميزبان 1: ڪجهه متاثر ماڻهن ٻڌايو ته کين اهڙا خاندان ۽ دوست مليا، جن سندن ڳالهه ٻڌي، مٿن يقين ڪيو ۽ بنا ڪنهن فيصلي يا الزام جي کين مدد حاصل ڪرڻ ۾ سهارو ڏنو. اسان چاهيون ٿا ته هر متاثر شخص کي اهڙو ساٿ ملي. ۽ پنهنجي پنهنجي انداز ۾ اسين به ڪنهن دوست، سئوٽ، ساٿي ملازم يا اڻڄاتل شخص لاءِ اهڙو سهارو بڻجي سگهون. اسين ڪنهن لاءِ محفوظ جاءِ بڻجي سگهون، جتي هو پنهنجي ڳالهه ڪري سگهي. اسين کين ٻڌائي سگهون ٿا ته هي انهن جي غلطي ناهي، ڀلي اسان کي پنهنجي وقت ۾ اهڙو سهارو گهٽ مليو هجي. جڏهن اسين مشهور شخصيتن يا فنڪارن سان ٿيندڙ اهڙي بدسلوڪي بابت ٻڌون، ته پنهنجي دائري ۾ انهن جي حمايت ڪري سگهون ٿا ۽ سندن تڪليف کي معمولي سمجهڻ کان پاسو ڪري سگهون ٿا۔
ميزبان 2: اهي سڀ مثال ڏيکارين ٿا ته تبديلي ممڪن آهي. همدردي، گڏيل سهڪار ۽ بااختياري جي هڪ نئين ثقافت آهستي آهستي وڌي رهي آهي۔
ميزبان 1: متاثر ماڻهو پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿاري رهيا آهن، نقصانڪار سماجي روين کي چئلينج ڪري رهيا آهن، ۽ پنهنجي زندگيءَ جي ڪهاڻي تي ٻيهر پنهنجو اختيار حاصل ڪري رهيا آهن۔
ميزبان 2: توهان هن سفر ۾ اڪيلا ناهيو، ۽ نه ئي توهان بي وس آهيو۔
ميزبان 1: هاڻي اچو ته انهن تبديلين بابت ڳالهايون جيڪي وڏي سطح تي ضروري آهن، ڇو ته ذاتي بحالي اهم آهي، پر ان سان گڏ نظامي ۽ سماجي تبديلي به ضروري آهي۔
ميزبان 2: جن متاثر ماڻهن ۽ ماهرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، انهن تبديلي لاءِ ڪجهه واضح تجويزون پيش ڪيون. سڀ کان پهرين، قانون سازن ۽ پاليسي ٺاهيندڙن لاءِ-
ميزبان 1: قانونن کي وڌيڪ وسيع بڻائڻ جي ضرورت آهي، ته جيئن اهي صرف اگهاڙين تصويرن تائين محدود نه رهن، پر انهن تصويرن کي به شامل ڪن جيڪي ڪنهن ثقافت يا سماج ۾ ذاتي يا حساس سمجهيون وڃن. قانونن کي اهو به تسليم ڪرڻ گهرجي ته تصويرون شيئر ڪرڻ جون ڌمڪيون ــ ڀلي تصويرون حقيقت ۾ شيئر نه ڪيون وڃن ــ پاڻ ۾ بدسلوڪي جو هڪ روپ آهن۔
ميزبان 2: ڪنهن به اهڙي مواد جي بغير رضامندي شيئرنگ، جيڪا ڪنهن شخص جي عزت، رازداري، ذهني سڪون يا حفاظت کي نقصان پهچائي، ان کي قانوني طور ڏوهه قرار ڏيڻ گهرجي، ڀلي ان مواد ۾ ڇا به ڏيکاريل هجي۔
ميزبان 1: پوليس، سرڪاري وڪيلن ۽ ججن کي ٽيڪنالاجي جي ذريعي ٿيندڙ صنفي بنيادن واري بدسلوڪي، صنفي حساسيت، ۽ متاثر ماڻهن جي حالتن کي سمجهي مناسب جواب ڏيڻ بابت بهتر تربيت ڏيڻ جي ضرورت آهي۔
ميزبان 2: ان سان گڏ، اهڙا شڪايت داخل ڪرڻ وارا طريقا ۽ تيز رفتار نظام هئڻ گهرجن، جيڪي متاثر ماڻهن جي ضرورتن کي مرڪز ۾ رکن. عارضي يا اتفاقي قدمن بدران، اهڙا معياري نظام هجن جيڪي هر ڪنهن لاءِ مؤثر نموني ڪم ڪن۔
ميزبان 1: ٽيڪنالاجي پليٽفارمن لاءِ به گهربل تبديليون واضح آهن. ڪميونٽي گائيڊ لائينز ۾ اهڙن نقصانن کي به شامل ڪرڻ گهرجي، جيڪي مختلف ثقافتن ۽ سماجن ۾ مختلف صورتن ۾ ظاهر ٿين ٿا۔
ميزبان 2: مقامي ٻولين ۾ شڪايت داخل ڪرڻ جا بهتر طريقا موجود هئڻ گهرجن، جن ۾ واضح طور ٻڌايو وڃي ته شڪايت ڪيئن ڪجي ۽ ان کان پوءِ ڪهڙا قدم کنيا ويندا۔
ميزبان 1: مواد جي نگراني ڪندڙ ٽيمون ۽ نظام اهڙا هجن، جيڪي مختلف ثقافتن ۽ سماجي حقيقتن کي سمجهي سگهن۔ انهن کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته نقصان صرف اگهاڙين يا جنسي نوعيت جي تصويرن سان ئي لاڳاپيل نه هوندو آهي۔
ميزبان 2: پليٽفارمن وٽ مواد هٽائڻ جا وڌيڪ واضح ۽ تيز طريقا هئڻ گهرجن. انهن کي اهڙن قابلِ اعتماد ساٿي ادارن ۽ چينلن ۾ به سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي، جن ذريعي متاثر ماڻهو مدد حاصل ڪري سگهن۔
ميزبان 1: برادرين ۽ شهري سماج جي تنظيمن لاءِ به اهم ذميواريون آهن. انهن ۾ ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ شامل آهي ته تصويرن جي بنياد تي ٿيندڙ بدسلوڪي صرف جنسي تصويرن تائين محدود ناهي۔
ميزبان 2: اسان کي عورتن ۽ ڇوڪرين لاءِ ڊجيٽل ڄاڻ ۽ آن لائن تحفظ بابت وسيلا وڌيڪ عام ڪرڻ گهرجن۔
ميزبان 1: ۽ اسان کي متاثر ماڻهن جي اڳواڻي هيٺ هلندڙ ۽ برادري تي ٻڌل سهائتا واري نيٽ ورڪن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ گهرجي. اهڙيون جايون، جتي متاثر ماڻهو سهارو، خيال رکڻ ۽ گڏيل همدردي حاصل ڪري سگهن۔
ميزبان 2: اهي سڀ تبديليون ضروري آهن، ۽ اهي سڀ ممڪن به آهن۔
ميزبان 1: جيستائين اسين وڏين سماجي ۽ قانوني تبديلين لاءِ ڪم ڪيون، تيستائين ڪجهه اهڙا قدم به آهن جيڪي اسين پنهنجي لاءِ کڻون. اسان جو "پنهنجي مدد سان آن لائن تحفظ" وارو رهنما انهن ڳالهين کي گهڻي تفصيل سان بيان ڪري ٿو، پر هتي اسين مختصر طور ڪجهه مثال شيئر ڪنداسين۔
ميزبان 2: انهن ۾ ڊجيٽل حدون مقرر ڪرڻ به شامل آهي، يعني اهو فيصلو ڪرڻ ته آن لائن دنيا ۾ اسان لاءِ ڇا محفوظ آهي، اسين ڇا شيئر ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ ڪنهن سان شيئر ڪرڻ چاهيون ٿا۔ مثال طور، دوستن کي چوڻ ته هو اسان جون تصويرون پوسٽ ڪرڻ کان اڳ اسان کان اجازت وٺن، يا ڪجهه وقت لاءِ نوٽيفڪيشن بند ڪري ڇڏڻ۔
ميزبان 1: ان سان گڏ ڊجيٽل سلف ڪير به اهم آهي، جهڙوڪ سوشل ميڊيا کان وقفو وٺڻ، پنهنجن اڪائونٽن کي مضبوط پاسور سان محفوظ بڻائڻ، ۽ اهي قدم کڻڻ جيڪي اسان کي ڊجيٽل ماحول ۾ وڌيڪ محفوظ محسوس ڪرائين. ڪڏهن ڪڏهن سوشل ميڊيا تي واپس اچڻ لاءِ دوستن يا ٻين ماڻهن جو دٻاءُ به تمام گهڻو محسوس ٿي سگهي ٿو، پر توهان کي جلدي ڪرڻ جي ضرورت ناهي. جڏهن توهان پاڻ کي تيار محسوس ڪريو، ۽ جڏهن توهان چاهيو، تڏهن ئي واپس اچو۔
ميزبان 2: اهي قدم بدسلوڪي کي روڪڻ جي ذميواري توهان تي نٿا وجهن، پر جڏهن توهان پاڻ کي تيار محسوس ڪريو، ته اهي طريقا توهان جي زندگي تي ٻيهر ڪجهه ڪنٽرول حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا۔
ميزبان 1: ختم ڪرڻ کان اڳ، اسين ٻيهر توهان ڏانهن موٽڻ چاهيون ٿا ــ ان شخص ڏانهن جيڪو هن وقت اسان کي ٻڌي رهيو آهي. اسان ڪجهه اهڙيون اهم حقيقتون شيئر ڪرڻ چاهيون ٿا، جيڪي اميد آهي ته توهان پنهنجي ذهن ۾ محفوظ رکندؤ۔
ميزبان 2: پهرين ڳالهه: جيڪو ڪجهه ٿيو، ان جو الزام توهان تي نه ٿو اچي. بدسلوڪي ڪندڙ توهان کي نقصان پهچائڻ جو فيصلو ڪيو. اهو فيصلو سندس هو، توهان جو نه۔
ميزبان 1: ٻي ڳالهه: ان سان ڪو فرق نٿو پوي ته توهان کي ڪهڙا ڪپڙا پاتل هئا، ڪٿي موجود هئا، ڪنهن تي اعتماد ڪيو هو، يا ڪهڙيون تصويرون شيئر ڪيون هيون. انهن مان ڪا به ڳالهه بدسلوڪي کي جائز نٿي بڻائي ۽ نه ئي ان جي ذميواري توهان تي وجهي ٿي۔
ميزبان 2: ٽين ڳالهه: توهان جا احساس اهم آهن. جڏهن ڪو ڏکوئيندڙ يا تڪليف ڏيندڙ تجربو اسان تي اثر انداز ٿئي ٿو، ته احساس مختلف وقتن تي مختلف شدت سان ظاهر ٿي سگهن ٿا. ڀلي توهان ڪاوڙ، خوف، شرمندگي، مونجهارو، بي حسي يا اهي سڀ احساس هڪ ئي وقت محسوس ڪريو ــ توهان جا احساس جائز آهن ۽ اهميت رکن ٿا۔
ميزبان 1: چوٿين ڳالهه: تصويرن جي بنياد تي ٿيندڙ بدسلوڪي حقيقت ۾ بدسلوڪي آهي. ان کي معمولي يا گهٽ اهم نه سمجهڻ گهرجي، ۽ نه ئي توهان کي اهو محسوس ڪرڻ گهرجي ته توهان جو تجربو ڪنهن ٻئي جي تڪليف کان گهٽ اهم آهي۔
ميزبان 2: پنجين ڳالهه: توهان سهائتا جا حقدار آهيو، تنقيد يا الزام جا نه. توهان تي يقين ڪرڻ گهرجي. توهان تحفظ، عزت ۽ احترام جا حقدار آهيو۔
ميزبان 1: ڇهين ڳالهه: بحالي ممڪن آهي. شايد اهو سفر سڌو ۽ آسان نه هجي، ۽ شايد ان ۾ وقت لڳي. پر بحالي جو مطلب هر شخص لاءِ مختلف ٿي سگهي ٿو، ۽ اهو بلڪل ٺيڪ آهي۔
ميزبان 2: ستين ڳالهه: توهان اڪيلا ناهيو. ٻين ڪيترين عورتن ۽ متاثر ماڻهن به اهڙا تجربا ڪيا آهن، جهڙا توهان هن وقت ڪري رهيا آهيو. اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي توهان جي ڳالهه سمجهن ٿا ۽ توهان جي سهائتا ڪرڻ چاهين ٿا۔
ميزبان 1: ۽ آخر ۾: توهان کي پنهنجي زندگيءَ جي ڪهاڻي پاڻ بيان ڪرڻ جو حق حاصل آهي. هي بدسلوڪي هڪ اهڙو واقعو آهي، جيڪو توهان سان پيش آيو، پر اهو توهان جي سڃاڻپ يا شخصيت جي تعريف نٿو ڪري۔
ميزبان 2: اسين اهو به تسليم ڪريون ٿا ته ڪيترين برادرين ۾ اهڙن مسئلن بابت کلي ڳالهائڻ ڏکيو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن خطري وارو به ٿي سگهي ٿو۔
ميزبان 1: جيڪڏهن هن وقت توهان لاءِ کلي نموني سهائتا حاصل ڪرڻ محفوظ نه هجي، ته سڀ کان پهرين پنهنجي حفاظت کي ترجيح ڏيو. جڏهن حالتون محفوظ ٿين، تڏهن توهان انهن وسيلن ۽ سهائتا جي ذريعن ڏانهن واپس اچي سگهو ٿا۔
ميزبان 2: جيڪڏهن توهان کي فوري مدد جي ضرورت هجي، ته مهرباني ڪري اهڙين تنظيمن سان رابطو ڪريو، جيڪي تصويرن جي بنياد تي ٿيندڙ بدسلوڪي ۽ ان جي حقيقي اثرن کي سمجهن ٿيون. اسان هن سيشن جي نوٽس ۾ سهائتا فراهم ڪندڙ خدمتن ۽ پنهنجي عالمي ڊائريڪٽري بابت معلومات شامل ڪنداسين۔
ميزبان 1: توهان اهم آهيو. توهان جي حفاظت اهم آهي. ۽ توهان جي بحالي اهم آهي۔
ميزبان 2: اڄ اسان سان گڏ رهڻ ۽ اسان جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ دل جي گهراين سان مهرباني۔
ميزبان 1: ختم ڪرڻ کان اڳ، اچو ته هڪ آخري ذهني استحڪام واري مشق گڏجي ڪريون. اهڙيون مشقون اسان جي مدد ڪن ٿيون ته اسين پنهنجي ڏينهن جي ٻين سرگرمين ڏانهن موٽڻ کان اڳ پاڻ کي پرسڪون ۽ متوازن محسوس ڪريون۔
ميزبان 2: جيڪڏهن توهان پاڻ کي آرامده محسوس ڪريو، ته هڪ هٿ پنهنجي سيني تي ۽ ٻيو هٿ پنهنجي پيٽ تي رکو. پنهنجون اکيون بند ڪريو يا نظر کي نرم ۽ آرامده رکو۔
ميزبان 1: پنهنجي ساهه جي اچڻ ۽ وڃڻ کي محسوس ڪريو. ڌيان ڏيو ته ساهه کڻڻ ۽ ڇڏڻ سان توهان جو هٿ پيٽ تي ڪيئن مٿي ۽ هيٺ ٿئي ٿو۔
ميزبان 2: هاڻي آهستي سان پنهنجي دل ۾ يا بلند آواز سان چئو:
"مان هتي موجود آهيان.
مان اڪيلي ناهيان.
مان ڪافي آهيان.
منهنجي لاءِ سهائتا موجود آهي."
هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر گهرو ساهه کڻو. ۽ جڏهن توهان پاڻ کي تيار محسوس ڪريو، ته آهستي سان اکيون کوليو۔
ميزبان 2: اسان کي خوشي آهي ته توهان اڄ هتي موجود رهيا. مهرباني ڪري پنهنجو سٺو خيال رکو. هي هڪ مختصر سيشن هو
جيڪو اسان جي بلوم ڪورس تي ٻڌل آهي ۽ اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آهي۔
ميزبان 1: جيستائين اسان ٻيهر ملون، تيستائين اميد آهي ته توهان کي سڪون، طاقت ۽ بحالي نصيب ٿيندي۔